عصمت ڏاهري

عصمت ڏاهري

عصمت ڏاهري

عصمت ڏاهري: مشھور سماج سڌارڪ ۽ شاعره عصمت ڏاهري 19 مارچ 1949ع تي لکنؤ ۾ محمد ايوب خان يوسف زئيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والدين 1954ع ڌاري لکنؤ مان لڏي نوابشاهه سنڌ ۾ اچي رهيا. هن پنھنجي تعليم نواب شاهه مان حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري دور کان ئي تعليمي توڙي سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو. تعليم پوري ڪرڻ بعد نوابشاهه جي ڊاڪٽر محمد عمر ڏاهريءَ سان شادي ڪري عصمت ڏاهري لکڻ شروع ڪيو. هن سماج ۾ عورتن جي اڻ برابري وارين حالتن کي ڏسي انھن جي حقن لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيو. 1972ع ڌاري عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ’پاڪستان وومين ائسوسيئيشن'>آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن‘ (اپوا) نوابشاهه جي ميمبر ٿي. ڪجهه عرصي بعد ان تنظيم جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ اڳتي هلي سيڪريٽري ۽ صدر به چونڊي وئي. ان کانسواءِ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ايجوڪيشنل ويلفيئر سوسائٽي، فيملي ويلفيئر ائسوسيئيشن ۽ ٻين ڪيترين ئي تنظيمن سان پڻ لاڳاپيل رهي. 1979ع ۾ نوابشاهه ميونسپل جي ميمبر پڻ رهي. پاڻ سماجي ڪارڪن هجڻ سان گڏ شاعره پڻ هئي. اردوءَ جي مشھور رسالن: اخبار جھان، امن، جنگ، انجام ۽ مشرق ۾ سندس شاعري ڇپيل آهي. سندس اردو توڙي سنڌي شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”خواب ميري دھوان دھوان“ (1986ع) ۽ ”سر ملي نئي نئي“ (1994ع) پڻ شايع ٿيل آهن. کيس سماجي خدمتن عيوض سنڌ حڪومت طرفان ٻه ڀيرا گولڊ ميڊل پڻ مليا. 2 مارچ 2003ع تي وفات ڪئي. سندس تدفين نواب شاهه جي حاجي نصير قبرستان ۾ ٿي.


لفظ عصمت ڏاهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.03.19  عيسوي

مشھور سماج سڌارڪ ۽ شاعره عصمت ڏاهري 19 مارچ 1949ع تي لکنؤ ۾ محمد ايوب خان يوسف زئيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2003.03.02  عيسوي

عصمت ڏاهري 2 مارچ 2003ع تي وفات ڪئي. سندس تدفين نواب شاهه جي حاجي نصير قبرستان ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽهلراماڻي آنند
اخلاق حسين
حسرت موهاني مولانا
ٻيڙو مير بحر
قاضي شفيق مهيسر
پونٽنگ رڪي ٿامس
شني آهوجا
سڀاش چندر بوس
ابن النديم
اليعقوبي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون